اڻ وسرندڙ ڪهاڻيون

اڻ وسرندڙ ڪهاڻيون (ڪتاب ):سهڻي پبليڪيشن جي ”آڳاٽي ادب“ سلسلي جو ٻيو ڪتاب، طارق اشرف، سهڻي پبليڪيشن، الهندي ڪچي حيدرآباد مان 1972ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز جي 106 صفحن تي مشتمل هن ٻئي ڇاپي جي قيمت هڪ رپيو پنجاهه پئسا آهي. هنن ڪهاڻين جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ نامياري ڪهاڻيڪار گوبند پنجابيءَ ”ريگستاني ڦول“ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ 13 اصلوڪيون ڪهاڻيون شامل آهن. مجموعي جا ليکڪ: رام پنجواڻي، آنند گولاڻي، رميش چندر، ڀڳوان لعلواڻي، نارائڻ ڏيوناڻي، جيوت نرياڻي، سوڀو گيانچنداڻي، ليلو رُچنداڻي، ڪشن مسرور، ڪرشن کٽواڻي، موهني چنديراماڻي، شيخ عبدالستار ۽ گوبند مالهي آهن.


لفظ اڻ وسرندڙ ڪهاڻيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو